سجاول : شيرازي گروپ جو اڳواڻ صوبائي صلاحڪار اعجاز شاه شيرازي لاڏاڻو، جنازي نماز ادا

سجاول:(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري) سجاول ھڪ وڏي قدآور سياسي شخصيت کان محروم ٿي ويئي.شيرازي گروپ جو اڳواڻ صوبائي صلاحڪار اعجاز شاه شيرازي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.صوبائي صلاحڪار اعجاز شاه شيرازي ٻن مهينن کان وٺي ڪرونا ۾ متاثر ٿيڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي سندس ڦڦڙ ۽ گڙدا سخت متاثر ٿي ويا هئا.مسلسل علاج ۽ پرڏيهه مان خصوصي انجيڪشن گهرائي شروع ڪيو ويو پر نيٺ اعجاز شاه شيرازي ڌم ڌڻي حوالي ڪيوصوبائي صلاحڪار اعجاز شاه شيرازي 1984ع کان مڪاني ادارن کان سياست جي شروعات ڪئي ۽ 1985ع ۾ پهريون ڀيرو ايم پي اي چونڊيو.اعجاز شاه شيرازي مسلسل 5 ڀيرا ايم پي اي چونڊيو ۽ ڪيترائي ڀيرا صوبائي وزير ۽ صلاحڪار پڻ رهيو.اعجاز شاه شيرازي جو هڪ پٽ اياز شاه شيرازي ايم اين اي ۽ ٻيو پٽ رياض شاه شيرازي ايم پي اي، سندس ڀائيٽيو شاه حسين شاه شيرازي ايم پي اي ۽ سندس ڀاء شفقت حسين شاه شيرازي اڳوڻو ضلعي ناظم آهن اعجاز شاه شيرازي کي ٽن پٽن جو اولاد آهي.سندس جنازي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جا ايم اين ايز ايم پي ايز سميت سرڪاري عملدارن توري سنڌ سميت ٺتي ۽ سجاول جي سياسي،سماجي،مذھبي اڳواڻن ۽ شھرين شرڪت ڪئي سندس ڏک ۾ سجاول ۽ ٺٽو شھر مڪمل طور بند رھيا. سندس تدفين ابائي قبرستان درگاه شاه مراد شاه ڻ آلين اکين سان ڪئي وئي.پوئرن سان تعزيت جو سلسلو جاڙي آھي.جڏھن ته پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ حڪومت پاران اعجاز شاه شيرازي جي وڇوري تي ڏک جو اظھار ڪيو ويو آھي.

Read Previous

لاڙڪاڻو ڊولمينٽ اٿارٽي آل ايمپلائيز طرفان 12 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Read Next

راڻيپور مان نوجوان عورت ٻن ٻارن جي ماءُ پراسرار نموني گم مڙس جو احتجاج ڳولها ۾ مدد جي اپيل

Most Popular