ڳڙھي خيرو:سماجي تنظيم طرفان 10 ڊسمبر انساني حقوق جي عالمي ڏينهن تي آگاهي مهم حوالي سان ريلي ڪڍي وئي

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري)سماجي تنظيم طرفان 10 ڊسمبر انساني حقوق جي عالمي ڏينهن تي آگاهي مهم حوالي سان ريلي ڪڍي وئي. تفصيل موجب انساني حقوق جي عالمي ڏينهن تي آگاهي مهم جي حوالي سان سماجي تنظيم پهل پاڪستان طرفان ضلعي جيڪب آباد جي ڪوآرڊينيٽر غلام علي ڪٽو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي, ريلي مختلف رستن کان ٿيندي ڳڙهي خيرو پريس ڪلب تي پهتي ان موقعي تي اڳواڻن جبار سنڌي, محمد نواز عمراڻي, غلام علي ڪٽو, محمد عارف عمراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي آئين مطابق ۽ انساني حقوق جي عالمي چارٽر جي مطابق هر شهري جو بنيادي حق آھي, انهن وڌيڪ چيو ته ڀارت طرفان ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف اقوام متحده سميت انساني حقوق جي عالمي ادارن کي نوٽس وٺڻ گهرجي, جڏهن ته حڪومت پاڪستان کان پاڪستان ۾ رهندڙ خصوصاً ٻارن ۽ عورتن کي معاشري ۾ ڪمزور طبقي سميت تمام شهرين جي تعليم, صحت, اظهار راء جي آزادي ۽ مذهبي آزادي سميت ٻين بنيادي انساني حقوق جي هڪ ڪري طور فراهمي کي به يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

Read Previous

نیو سعیدآباد رپورٽ جبار عمراڻي نیوسعیدآباد ويجھو خدا آباد ميرن جي قبن تي ايپڪا جي اڳواڻن جي جي آسار قديما جي ملازمن سان اھم ملاقات

Read Next

پي ڊي ايم جي جلسن کان حڪومت خوفزده آهي: سيد سڪندر علي شاھ

Most Popular