ڳاڙهي پل ڀرسان پيپلز ڪالوني جي رهواسين اڳوڻي ڪائونسلر ۽ ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

خيرپور (رپورٽ۔رانجهن شيخ) ڳاڙهي پل ڀرسان پيپلز ڪالوني جي رهواسين اڳوڻي ڪائونسلر ۽ ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي علي گوهر شيخ اعجاز شيخ، وڪيل شيخ، تنوير شيخ، ساجن شيخ ۽ اعجاز شيخ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي مظاهري ٻڌايو ته ٽي سال اڳ اڳوڻي ڪائونسلر ۽ ٺيڪيدار اصغر شيخ ڊرينيج جو ٺيڪو کنيو جنهن ۾ هن ناقص مٽيرل استعمال ڪيو جنهن ڪري نالين جو گندو پاڻي مين نالي تائين نه پهتو جنهن ڪري روڊن، رستن، گهٽن ۽ گهرن ۾ نالين جو گندو پاڻي بيٺل آهي، هنن چيو ته ڪيترا ڀيرا اصغر شيخ کي چيوسين ته هي ناليون درت ڪري ٺهراءِ يا هي گندو پاڻي نيڪال ڪراءِ پر هن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، هنن ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڪالوني مان گندو پاڻي نيڪال ۔ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جودائرو وسيع ڪيو ويندو

Read Previous

سنڌي ٻوليء جي بااختيار اداري جي چيئرمين ۽ سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو ۽ ٺٽي جي سماجي شخصيت وڏيري علي نواز ڀٽري ملاقات

Read Next

سجاول: وزير اعلي سنڌ جي صلاحڪار اعجاز شاه شيرازي جي وڇوري تي جي يو آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو تعزيت

Most Popular