سنڌي ٻوليء جي بااختيار اداري جي چيئرمين ۽ سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو ۽ ٺٽي جي سماجي شخصيت وڏيري علي نواز ڀٽري ملاقات

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي سنڌي ٻوليء جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهيء سان سندس آفيس ۾ سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو ۽ ٺٽي جي سماجي شخصيت وڏيري علي نواز ڀٽري ملاقات ڪئي،ملاقات دوران ٺٽي جي مختلف علمي ادبي موضوئن ،سرگرمين ۽ موجوده صورتحال تي ڪچھري ڪئي وئي ملاقات دوران سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکي طرفان ڊاڪٽر محمد علي مانجهيء جو ڌيان لاڙ پٽيء جي عظيم صوفي بزرگ ۽ سنڌي اساسي شاعريء جي ڀٽائيء کانپوء تمام وڏي شاعر حضرت شاھ شريف ڀاڏائيء جي شاعريء جي رسالي جي ٻيهر ڇپائيء جي حوالي جي پڻ گهر ڪئي جنهن جي جواب ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجهيء چيو ته شاه شريف ڀاڏائي سنڌي اساسي شاعريء جو تمام وڏو حوالو آھي جنهنجي شاعري ،بزرگي توڙي ذاتي زندگيء جا تمام گهڻا حوالا ڀٽائيء جي پنڌ ،فڪر ۽ فلسفي جا پرتوا آھن جنهن جي شاعريء کي سهيڙي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وڏو ڪم ڪيو ۽ 1971/72ڌاري شايع پڻ ڪرايو هو جيڪو هن وقت اڻلڀ ٿي ويو آھي جنهنجي ٻيهر ڇپائيء لاء سنڌي ادبي بورڊ وارن کي گزارش ڪنداسين ان موقعي تي وڏيري علينواز ڀٽري طرفان پنهنجي والد سگهڙ شاعر ۽ علمي ادبي سياسي شخصيت جي ايندڙ ڪتاب جي حوالي سان پڻ ڊاڪٽر محمد علي مانجهيء سان صلاح مشوره ڪيا

Read Previous

پڊعيدن جي رهواسين پاران سئوٽن جي ناجائزين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

Read Next

ڳاڙهي پل ڀرسان پيپلز ڪالوني جي رهواسين اڳوڻي ڪائونسلر ۽ ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

Most Popular