سڪرنڊ لڳ روهڙي ڪئنال تي گذريل رات دير سان پراڻي دشمني تان مبينا طور ٽن موٽر سائيڪل سوارن رڪشا تي سواري ڇڏي

سڪرنڊ: (رپورٽ اڪبرملاح) سڪرنڊ لڳ روهڙي ڪئنال تي گذريل رات دير سان پراڻي دشمني تان مبينا طور ٽن موٽر سائيڪل سوارن رڪشا تي سواري ڇڏي ايندڙ ڳوٺ ملو ساند جي رهواسي رڪشا مالڪ اسلم ڪيريو کي هٿيارن جي زور تي روڪي رڪشا سميت روهڙي ڪئنال جي برانچ ۾ رڪشا کي ڌڪو ڏئي ڪيرائي اسلم ڪيريو کي به برانچ ۾ ڌڪو ڏئي موقعي تان فرار ٿي ويا جڏهن ته رڪشا مالڪ اسلم ڪيريو معجزاڻي نموني ڪئنال جي ڪپرن تان پٿرن ۾ ھٿ پوڻ ڪري ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، اطلاع تي پي ڪي چانڊيو پوليس جي ايس ايڇ او نياز ڪليري وڏي نفري ساڻ ڪري روهڙي ڪئنال تي پهچي مقامي ڳوٺاڻن ۽ ٽوٻن جي مدد سان برانچ مان رڪشو ڪڍي ورتو ان موقعي تي رڪشا مالڪ اسلم ڪيريو سندس والد غلام مصطفي ڪيريو ۽ محرم علي سوين ڳوٺاڻن سان گڏجي واردات واري هنڌ روهڙي ڪئنال تي سخت احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڪجھ سال اڳ ۾ رجب ڪيريو اسان جي نياڻي کي قتل ڪيو هو جنهن جو تڪرار هلندڙ آھي هن وقت رجب ڪيريو مختلف بهانا ڪري اسان کي تنگ ڪري رهيو آھي گذريل رات دير سان رجب ڪيريو علي نواز ڪيريو ۽ غلام رسول ڪيريو جيڪي اسان جا مائٽ آھن انهن اسان جي ڇوڪري اسلم کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان ان کي رڪشي سميت برانچ ۾ لوڙھي ڇڏيو پر رب پاڪ اسان جي ڇوڪري کي نئين حياتي ڏني اگر ڇوڪرو به ٻڏي وڃي ها ته اسان کي خبر ئي نه پوي ها، هنن چيو ته رجب ڏوهاري ماڻھو آھي ۽ پاڻ سان گڏ ڪجھ ڏينهن کان شڪي ماڻھو گڏ کڻي هلي رهيو آھي ۽ بار بار ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي، اسان جي سردار تي اسان جي پٺڀرائي جا ناجائز الزام هڻي ان کي به بدنام ڪري رهيو آھي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته هنن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

لاڙڪاڻو: اڳوڻي وزير اعظم مير ظفر الله خان جمالي جي پٽ صوبائي وزير مير عمر خان جمالي سان دعوت اسلامي مجلس رابطا جي ذمه دار عبدالرحمان عطاري جي قيادت ۾ هڪ وفد تعزيت جو اظهار ڪيو

Read Next

سني رابطا ڪائونسل پاران امام اهلسنت سالياني ڪانفرنس شهيد علامه علي شير حيدري جي ياد ۾ لقمان مدرسي ۾ منعقد ڪئي وئي

Most Popular