سني رابطا ڪائونسل پاران امام اهلسنت سالياني ڪانفرنس شهيد علامه علي شير حيدري جي ياد ۾ لقمان مدرسي ۾ منعقد ڪئي وئي

خيرپور (ڊر) سني رابطا ڪائونسل پاران امام اهلسنت سالياني ڪانفرنس شهيد علامه علي شير حيدري جي ياد ۾ لقمان مدرسي ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ملڪ جي چئني صوبن جي ڪنڊ ڪڙڇ مان علامه علي شير حيدري جي هزارين مريدن ،عقيدت مندن شرڪت ڪئي،امام اهلسنت ڪانفرنس بعد نماز فجر کان شروع ٿي جيڪا مغرب تائين جاري رهي، ان موقعي تي سني رابطا ڪائونسل پاڪستان جي سربراهه علامه محمد احمد لڌيانوي ، ڊاڪٽر خادم حسين ڊلو، نجم الدين مجاهد، غازي سيد پريل شاهه بخاري، مولانه عبدالڪريم مري ، مولانه ثناءُ الله حيدري ، مولانه نور محمد مري، مولانه وارث علي حيدري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته علامه علي شير حيدري جي زندگي مسلمانن لاءِ درس آهي، علامه علي شير حيدري دنياجي مختلف ملڪن ۾ وڃي شعريت محمد جون صفتون بيان ڪيون، علامه علي شير حيدري مختلف مذهبي فرقن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي، جنهن جو مقصد ملسمانن کي مظبوط ڪرڻ هيو، هنن ٻڌايو ته علامه علي شير حيدري چيو ته پاڪستان جي بقاءَ اتحاد ۽ اتفاق ۾ آهي، علامه علي شير حيدري دنيا جي مسلمانن کي هڪ طاقت بنائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون ، هنن چيو ته علامه علي شير حيدري اسلام دشمن قوتون خلاف ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ،جنهن ڪري علامه علي شير حيدري کي سازش تحت شهيد ڪيو ويو، ان موقعي تي تقريب ۾ شهيد علامه علي شير حيدري جي زندگي تي ٺهيل مختصر ڊاڪومينيٽري پيش ڪئي وئي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ اسلامي قانون جي ضرورت آهي، صحابه جي توهين ڪندڙ عنصرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، هنن چيو ته اولهه ملڪن جي سازش تحت پاڪستان ۾ يهودي قانون کي آڻڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته شهيد علامه علي شير حيدري جي مشن کي جاري رکندي سني رابطا ڪائونسل پاڪستان جا ڪارڪن اسلام جي دفاع لاءِ هر محاذ تي هر وقت تيار آهن،جيڪي ضرورت پوڻ تي شهادتن کان به پوئتي نه هٽندا ،

Read Previous

سڪرنڊ لڳ روهڙي ڪئنال تي گذريل رات دير سان پراڻي دشمني تان مبينا طور ٽن موٽر سائيڪل سوارن رڪشا تي سواري ڇڏي

Read Next

حڪومت اڳ ئي اپوزيشن جون ڳالهيون ڪري ھا ته اڄ اھڙيون حالتون ن ھجن ھا جڏھن اپوزيشن حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ چاھي پئي: خورشيد احمد شاھ

Most Popular