آر ڊي 109 ٿاڻي جي ايس ايڇ او نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: آفتاب جکراڻي

ڪشمور: اعجاز احمد چنہڪشمور ۾ پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج.آر ڊي 109 ٿاڻي جي ايس ايڇ او نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: آفتاب جکراڻينوجوان موج علي جکراڻي کي 10 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيو ويو آهي گهر ۾ ڪهرام متل آهي: وارثخبرموجب: ڪشمور ۾ پوليس جي ڏاڍائين خلاف ڳوٺ حاجي عبدالله جکراڻي جي رهواسين حاجي عبدالله جکراڻي، سوڀو خان جکراڻي، علي باغ جکراڻي، علي نواز جکراڻي ۽ آفتاب جکراڻي احتجاج ڪندي چيو ته ٿاڻو 109 آر ڊي جي ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي ۽ چوڪي انچارج امتياز جکراڻي 10 ڏينهن اڳ ملهيرو پل کان نوجوان موج علي جکراڻي کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او ٿاڻو 109 آر ڊي فون ڪري اسان کي ڌمڪيون پڻ ڏيئي رهيو آهي. ايس ايڇ او علائقي جي بااثر وڏيري سالار خان جکراڻي جي ونگار تي اسان جي نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او چئي ٿو وڏيري سالار جکراڻي کي زمين ڏيو ٻي صورت ۾ نوجوان کي پوليس مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيندس. جڏهن ته نوجوان مٿان هڪ به ڪيس داخل ناهي ٿيل. نوجوان جي والده صدمي سبب اسپتال داخل ٿيل آهي. اسان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ڪشمور، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، آر پي او سکر، انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته نوجوان موج علي جکراڻي جي زندگي بچائي پوليس ۽ وڏيري جي ظلمن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مٺو خان بنگلاڻي ۾ خالد حسين سنجراڻي ، گل حسن بنگلاڻي جي ميزباني هيٺ صوفي مچ ڪچهري ٿي گذري

Read Next

منهنجو والد پوليس کاتي جو رٽائرڊ اي ايس آءِ بخشل کوکر 5 مهينا اڳ فوت ٿيو هيو: اڳواڻ

Most Popular