منهنجو والد پوليس کاتي جو رٽائرڊ اي ايس آءِ بخشل کوکر 5 مهينا اڳ فوت ٿيو هيو: اڳواڻ

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي شهر جي حمل محلي جي رهواسي ايس پي هيڊڪوارٽر آفيس لاڙڪاڻي جي نائب ريڊر عرفان کوکر پنهنجي امڙ زيب النساءَ سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منهنجو والد پوليس کاتي جو رٽائرڊ اي ايس آءِ بخشل کوکر 5 مهينا اڳ فوت ٿيو هيو، جنهن پنهنجي پهرين گهر واري حاڪم زادي کوکر کي 23 سال اڳ طلاق ڏني هئي، جڏهن ته منهنجي والد پوليس کاتي ۾ 30 سال سروس ڪئي ۽ مان به گذريل 14 سالن کان پوليس کاتي ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهيان. هن چيو ته گهوٽڪي ضلعي جي ٿاڻي عادلپور جو ايس ايڇ او اڪبر کوکر جيڪو منهنجي ويڳي ڀيڻ جو مڙس ۽ ويڳي ماءُ حاڪم زادي جو نياڻو آهي ان مرحوم والد جي پينشن واري معاملي ۾ رڪاوٽون وڌيون آهن، جيڪو پنهنجي گهر واري ۽ سس کي مرحوم والد جي پينشن ۽ ملڪيت مان حصو نه ڏيڻ واري معاملي تان اسان سان جهيڙو ڪري ڌمڪائي رهيو آهي، اهڙي دانهن مون ايس پي هيڊڪوارٽر کي ڏني جنهن معاملي کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو چيو جنهن تي اڪبر کوکر انڪار ڪري ڇڏيو. هن الزام لڳايو ته ايس ايڇ او اڪبر کوکر جي چرچ تي گذريل 11 ڊسمبر جي ڏينهن لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او امداد هليو ۽ اي ايس آءِ عالم چانڊيو 15 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ساڻ ڪري بيگناھ منهنجي گهر تي چڙهائي ڪري گهر اندر ڀڃ ڊاهه ڪندي گهرڀاتين مٿان تشدد ڪيو ۽ اسان کي حراسان ڪرڻ سان گڏ مون سميت منهنجي ڀاءُ ساحل کوکر کي گرفتار ڪري ٿاڻي آندو جتي ڪجهه ڪلاڪن کان بعد اسان کي آزاد ڪيو ويو. هن چيو ته هن وقت مون سميت منهنجي امڙ ۽ ٻين گهر ڀاتين کي ايس ايڇ او عادلپور اڪبر کوکر، ايس ايڇ او دڙي امداد هليو ۽ اي ايس آءِ عالم چانڊيو مان جان جو خطرو آهي جيڪي مسلسل پيءُ جي ملڪيت ۽ پينشن مان حصو ڏيڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته ايس ايڇ او عادلپور اڪبر کوکر، ايس ايڇ او دڙي امداد هليو، اي ايس آءِ عالم چانڊيو ۽ ٻين اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

آر ڊي 109 ٿاڻي جي ايس ايڇ او نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: آفتاب جکراڻي

Read Next

لاڙڪاڻو م پنهور اتحاد سنڌ مرڪز طرفان سانگهڙ جي معصوم ڪوثرپنهور جي خون سان انصاف لاء احتجاج

Most Popular