لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ پاران پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل جي نين پاليسين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ پاران پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل جي نين پاليسين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ اعتزاز گائينچو، نويد عباس ڪلهوڙو، شڪيب نواز نوناري، علي زيب بروھي ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل جي نئين پاليسين مجموعي طور تي شاگردن کي تمام گھڻو نقصان رسايو آھي، شاگردن مٿان اوچتو نيون سيليبس مڙھڻ ۽ ٽيسٽ ۾ ڪورس کان ٻاھران سوال اچڻ ناانصافي آھي. هنن چيو ته سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٽيسٽ سينٽرن تي ڪاپي عام ھلي آھي، انتظاميه جي سرپرستي ۾ ڪيترائي شاگرد ٽيسٽ سينٽرن ۾ موبائيل فونن سميت موجود هئا، پي ايم سي جي نئين پاليسي مطابق شاگردن کي ميڊيڪل ٽيسٽ جي ڪاربان ڪاپي نه ڏني وئي جيڪو عمل سيٽون وڪڻڻ جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿو ۽ ٽيسٽ نتيجا دير سان پڌرا ڪرڻ ۾ شاگردن جو نقصان ٿئي ٿو اھڙي عمل جي اسين سخت مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان صوبائي خودمختياريءَ جي انحرافي ڪندي صوبن جي غريب شاگردن جي حقن جي لتاڙ ڪندي، ملڪ ۾ 73 سالن کان هلندڙ ادارو ختم ڪري هڪ نئون ادارو جوڙيو ويو آهي، نئين قيام ۾ آندل اداري جون پاليسون شاگرد دشمن، صوبائي خودمختياريءَ خلاف ۽ وفاقيت پسند آهن، اداري ٺهڻ شرط سڀ کان پهريائين سنڌ جي خانگي يونيورسٽين مان ڊوميسائيل جو شرط ختم ڪري ملڪ جي ٻين صوبن مان شاگردن کي سنڌ اندر تعليم حاصل ڪرڻ جي ڇوٽ ڏيڻ سنڌ جي شاگردن جي حقن ۽ وسلين جي ڦرلٽ برابر ۽ اها پاليسي شاگرد دشمن آهي، ٻيو ته ٽيسٽ ۾ ڪاربان ڪاپي نه ڏيڻ، ٽيسٽ جا هڪ شهر ۾ مختلف سينٽر مقرر ڪري ڪاپي ڪرڻ جون سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ شاگرد دشمن عمل آھن. هنن مطالبو ڪيو ته پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل کي رد ڪري 73 سالن کان هلندڙ اداري پي ايم ڊي سي کي بحال ڪري صوبن کي پنھنجا حق ڏنا وڃن ۽ شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي، گڏوگڏ ميڊيڪل جي داخلا ۾ اڳ جيان ڊوميسائيل ۽ پي آر سي جو شرط رکي سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ سنڌي شاگردن کي اوليت ڏني وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻي شهر جي غلام ڀٽو پاڙي ۾ 8 مهينا اڳ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي

Read Next

شھداد پور واسي ارجن جنڊائوڙو سڪرنڊ ٿاڻي تي ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي ٽائون آفيسر سيد غلام مرتضي شاھ تي ڪيس داخل ڪرائيندي

Most Popular