شھداد پور واسي ارجن جنڊائوڙو سڪرنڊ ٿاڻي تي ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي ٽائون آفيسر سيد غلام مرتضي شاھ تي ڪيس داخل ڪرائيندي

سڪرنڊ(رپورٽ ) شھداد پور واسي ارجن جنڊائوڙو سڪرنڊ ٿاڻي تي ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي ٽائون آفيسر سيد غلام مرتضي شاھ تي ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ اسان سڪرنڊ شھر ۾ مائٽن وٽ گهمڻ آيا ھئا سين ته رستي ويندي محرابپور روڊ تي هڪ رولو ڪتي منهنجي نياڻي راکا کي ڏاڙهي وڌو هو جنھن کان پوءِ مون پنهنجي نياڻيءَ جو شھداد پور جي اسپتال مان علاج ڪرايو ۽ شھداد پور اسپتال مان ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ تحت ھاءِ ڪورٽ سڳوري جي حڪم ته جنهن علائقي ۾ ڪو رولو ڪتو ڪنهن کي چڪ هڻندو ته ان علائقي جي ٽائون آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪرايو وڃي اھڙي حڪم نامي بعد سڪرنڊ پوليس ڄاڻايل ٽائون آفيسر خلاف گناھ نمبر 290/2020 تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ٻئي پاسي اهو پڻ ٻڌو پيو وڃي ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد ٽائون ڪاميٽي آفيسر سيد غلام مرتضي شاھ گرفتاري کان بچڻ لاءِ ضمانت جون ڪوشوننڪري رهيو آهي

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ پاران پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل جي نين پاليسين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

Read Next

سانگهڙ : نوجوانن جو ا احتجاج بلديه جي خلاف انوکو احتجاج گٽر جي پاڻي ۾ مڇيون پڪڙ سنڌ سرڪار کي ڄاڳي پئي،

Most Popular