يوٽرن خان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي، غريب ماڻھو ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن پر عمران خان جي صحت تي ڪوبه اثر نٿو ٿئي : پ پ اڳواڻ نثار کهڙو

نوابشاهه (رپورٹ:دانش حیدر) پ پ پ سنڌ جي صوبائي صدر نثار کهڙو پيپلز سيڪريٽريٽ نوابشاهه ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته يوٽرن خان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي، غريب ماڻھو ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن پر عمران خان جي صحت تي ڪوبه اثر نٿو ٿئي، ھن چيو ته عمران خان چاھي ٿو ته ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي، ھن چيو ته عمران خان جنھن کي پٽيوالو سڏيندو ھو انھيءَ شيخ رشيد کي وزير داخلا رکيو اٿس، ھن چيو ته عمران خان پاڻ ڀلي وزير داخلا ٿي وڃي پر پي ڊي ايم جي جلسن کي روڪي نٿو سگھي، ھن چيو ته شيخ رشيد پرويز مشرف کي بچائي نه سگھيو ته عمران کي ڪٿان بچائيندو، ھن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سياست ۾ عوامي ليڊر ٿي اڀريو آھي جنھن مخالفن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، ھن چيو ته پي ڊي ايم جي فيصلي موجب پيپلز پارٽي جي 70 ايم پيز استعيفائون ڏئي ڇڏيون آھن ۽ جڏھن پارٽي حڪم ڪيو ته ان تي ڀرپور نموني عمل ڪنداسين ھن چيو ته شاھه محمود قريشي ڇُٽل ڪارتوس آھي ۽ ھو پنھنجي نوڪري بچائڻ لاءِ اپوزيشن خلاف بيان ڏئي رھيو آھي، ھن چيو ته عمران حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آھي، ھن چيو ته بوکلاھٽ سان ملڪ نه ھلندا آھن، عمران خان نه پنھنجي عزت ڪرائي آھي نه ئي عوام جي عزت ڪرائي آھي، ھن چيو ته عمران خان صوبن سان تعصب پرستي وارو رويو اختيار ڪيو آهي، ملڪ عوام ۽ صوبن سان ھوندا آھن ملڪ صوبن ۽ عوام جو نالو آھي، ھن چيو ته ڪڻڪ جي اگهه وڌائڻ ۾ وفاقي حڪومت ڪنجوس پائي ڪئي آھي، عمران وٽ سوچ ۽ اختيار ناھي، ھن ملڪ جو ھليو بگاڙي ڇڏيو آھي، ھن چيو ته سنڌ کي اين ايف سي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، عمران پاڻ صوبن کي ڪوبه فائدو نه ڏيڻ جي ايجنڊا تي آھي، ھن چيو ته شيخ رشيد جي ٻيڙي کي ڪنارو ئي نه ملندو، جلسن تي حملو ڪرڻ جو چيو وڃي ٿو پر اسان ھر صورت ۾ جلسا ڪنداسين اسان کي ڦاسي ڊيڄاري نه سگھي ته عمران خان ڇا ڊيڄاريندو، ھن چيو ته حڪومت اپوزيشن سان ھوندي آھي، انهي موقعي تي نوشهرو فيروز جي ٻن ايم پي ايز ممتاز چانڊيو ۽ سرفراز شاهه پنهنجون استعفائون صوبائي صدر نثار کهڙو وٽ جمع ڪرايون انھي موقعي تي ايم پي اي ممتاز چانڊيو، پي پي پي ضلعي شھيد بينظيرآباد جي صدر علي اڪبر جمالي، نوشھروفيروز جي صدر فيروز جمالي سانگھڙ جي صدر علي حسن ھنگوريو ۽ ٻيا موجود ھئا ٻئي طرف پ پ پ سنڌ جي صوبائي صدر نثار کهڙو نوابشاهه پريس ڪلب جو دورو ڪيو جتي نوابشاهه پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار علي خاصخيلي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو، جڏهن ته ٻين ميمبرن آيل مھمانن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، ان موقعي تي پ پ پ سنڌ جي صوبائي صدر نثار کهڙو چيو ته نوابشاهه پريس ڪلب جي خوبصورت بلنڊنگ ڏسي مونکي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي، ھن چيو ته مان نوابشاهه پريس ڪلب جي گرانٽ جي حوالي سان وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ صوبائي وزير سيد ناصر شاهه سان ڳالهائيندس.

Read Previous

سانگهڙ : ڳوٺ شاھه بيگ مري تعلقو ٽنڊو آدم نوابشاهه جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

Read Next

چين پاڪستان کي سعودي قرض جي واپسي لاءِ ڏيڍ ارب ڊالر ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

Most Popular