پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 3 روپيه في ليٽر واڌ جو امڪان

اسلام آباد:  عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سبب پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي  قيمتن ۾ 3 روپيه في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي. پهرين ڊسمبر کان هينئر تائين عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون 5 سيڪڙو تائين وڌي چڪيون آهن. ريفائنري ذريعن جي انگن اکرن موجب اهڙي طرح عالمي منڊي جي لحاظ سان هينئر تائين پيٽرول 6 روپيه 88 پئسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ 5 روپيه 24 پئسن تائين مهانگو ٿي چڪو آهي. ماهرين موجب حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ جي خاطر پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي ڪري پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 3 روپيه جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 2 روپين تائين واڌ ڪري سگهجي ٿي.  حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هيٺ مٿانهين جو اعلان 15 ڊسمبر تي ڪندي جڏهن ته  اهڙو فيصلو 16 ڊسمبر کان لاڳو ٿيندو.

Read Previous

نيپرا بجلي هڪ روپيو يارنهن پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي

Read Next

ڀارت جي ڪنٽرول لائين تي هڪ دفعو ٻيهر ڇتي فائرنگ، پنجيتاليهه ساله شهري زخمي

Most Popular