وزيراعظم ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏيندو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد:   پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي پي ڊي ايم جو 31 ڊسمبر وارو الٽيميٽم رد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو جيڪڏهن پي ڊي ايم سنجيده آهي ته 31 ڊسمبر تائين انهن جا استعيفيٰ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر تائين پهچڻ گهرجن. رپورٽ موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم چوي ٿي ته حڪومت سان ڳالهين جو وقت گذري چڪو آهي.ڌمڪين سان ڳالهيون ناهن ٿينديون. هي رويو جمهويت کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي. بلاول کي جيڪڏهن سکڻو آهي ته پنهنجي نانا جي ڳالهين مان سکڻ گهرجي. ڀٽو صاحب پنهنجي خلاف شروع ٿيندڙ تحريڪن کي چيو هو ته اچو ڳالهيون ڪريو سياست ۾ هٺ ڌرمي نه هجي، اوهان هميشه رستا ڳوليندا آهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته لاهور ڊڪليريئيشن سامهون آيو جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون ته 31 جنوري تائين وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڌي، اسان اوهان جي الٽيميٽم کي رد ڪريون ٿا وزيراعظم ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏيندو. اسان کي هڪ ڪروڙ 79 لک ووٽ مليا آهن. وزيراعظم ڇو استعيفيٰ ڏئي. عمران خان چئي رهيو آهي ته اسيمبلين کي ڪڏهن به ختم نه ڪندس. ملڪ جو نظام رانديڪو ناهي جنهن سان کيڏيو وڃي نئين اليڪشنن جو مطالبو غير جمهوري ۽ غير اخلاقي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته بلاول ۽ مريم هڪ ٻئي کي برداشت به نه ڪري سگهندا. پي ڊي ايم جي صفن ۾  استعيفائن تي اتفاق ناهي.  پيپلز پارٽي  جي فيصلن ۾ تڪرار موجود آهي. پ پ جون فيصلا ڪندڙ طاقتون جلسي ۾ موجود نه هيون. هنن جا فيصلا اڄ به بلاول نه پر اصف زرداري ڪندو آهي  آصف  طرفان اڃان تائين استعيفائن جو فيصلو ناهي ڪيو ويو. (ن) ليگ به استيعفائن جي  معاملي تي ورهائجي وئي آهي. واضح طور تي ٻه ڌڙا نظر اچي رهيا آهن. هڪ سوچ مريم نواز ٻئي شهباز شريف جي آهي. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڪجهه چهرا نوازشريف جي ۽ ڪجهه مريم نواز جي سوچ جي عڪاسي ڪري رهيا آهن جيڪڏهن اوهان جو استعيفائن تي اتفاق آهي ۽ اوهان سنجيده آهيو ته 31 تاريخ تائين اوهان جون استعيفائون قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ پهچي وڃن. قيادت وٽ استعيفيٰ جمع ڪرائڻ ۾ ڪابه سنجيدگي ناهي. لانگ مارچ تي به اڃان تائين پي ڊي ايم ۾ اتفاق ناهي ٿي سگهيو.

Read Previous

اسان جون استعيفائون حڪومت لاءِ ايٽم بم ثابت ٿينديون: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

لنڊن : چور گهر ٻاهران بيٺل مرسڊيز گاڏي جا سمورا پارٽس ڪڍي فرار

Most Popular