هوشيار، 31 ڊسمبر کانپوءِ واٽس ايپ بند ٿي ويندو!

پيغامن ۽ ويڊيو ڪالنگ سبب سڄي دنيا ۾ مقبول ترين ايپليڪيشن واٽس ايپ کي پراڻي آپريٽنگ سسٽمز وارا اينڊرائيڊ ۽ ايپل فونز واهپيدار 2021 کان استعمال نه ڪري سگهندا. فيس بُڪ جي ملڪيت واٽس ايپ طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته 31 ڊسمبر 2020 کانپوءِ جنهن آءِ فون جو آپريٽنگ سسٽم آءِ او ايس سيون کان پراڻو هوندو، انهن ۾ واٽس ايپ جي سروس نه رهندي، اهڙي ريت جنهن سمارٽ فون ۾ اينڊرائيڊ 4.0.3 کان پراڻو آپريٽنگ سسٽم هوندو، انهن جا واهپيدار به واٽس ايپ جي سهولت کان محروم ٿي ويندا. واٽس ايپ طرفان واهپيدارن کي چيو ويو آهي ته اهي بنا وقفي سروس لاءِ جديد ترين آپريٽنگ سسٽم پنهنجي سمارٽ فونز ۾ اپ گريڊ ڪرائي ڇڏين. رپورٽ موجب جن وٽ آءِ فون 4 ايس، آءِ فون 5 ۽ 5 ايس، آءِ فون 6 ۽ 6 ايس آهي، اهي پنهنجي سمارٽ فونز ۾ جلد کان جلد آءِ او ايس جو جديد ترين ورزن ۾ اپ گريڊ ڪرائن يا گهٽ ۾ گهٽ آءِ او ايس 9 ته ضرور ڪرائن، نه ته 31 ڊسمبر کانپوءِ اهي واٽس ايپ استعمال نه ڪري سگهندا.

Read Previous

جوبائيڊن جي اچڻ کان وڌيڪ دهشتگرد ٽرمپ جي وڃڻ جي خوشي آهي: ايراني صدر

Read Next

پاڪستان جي پريشاني ختم، شاداب خان فِٽ، ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڪپتاني ڪندو

Most Popular