قاضي احمد : ڳوٺ جادو جوڻو جي رھواسي مبينه هٿيار بندن هٿان زخمي ٿيل نياز جو واثن سان گڏ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ جادو جوڻو جي رھواسي مبينه هٿيار بندن هٿان زخمي ٿيل نياز جوڻو پنهنجي امڙ صاحبزادي ۽ ڀيڻ ماروي سان گڏجي نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان با اثر هٿيار بندن جي گرفتاري ۽ قاضي احمد پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي نياز جوڻو چيو ته پنهنجي برادري جي ڪريم بخش، آچر، لياقت، عاشق جوڻو وارن سڱاوتي مسئلي تان هٿيارن سان گهر تي حملو ڪري مونکي منهنجي امڙ ۽ منهنجي ڀيڻ کي ڪُهاڙيون ۽ ڏنڊا هڻي زخمي ڪرڻ بعد منهنجي زال ريشمان کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن ۽ فائرنگ ڪندي ڌمڪيون ڏنيون ته توهان کي به ماري ڇڏينداسين هن چيو ته هٿياربند اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪندا رهيا ۽ اسان تي تشدد ڪندا رهيا پر ڳوٺ مان ڪو به ماڻهو اسان جي مدد لاءِ نه آيو هن چيو ته حملو ڪندڙ با اثر ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن تنهن ڪري هو ڪنهن جي به چوڻ ۾ نه آهن هن چيو ته اهڙي ظلم خلاف قاضي احمد ٿاڻي تي فرياد کڻي وياسين پوليس به اين سي داخل ڪري اسان کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ هٿيار بندن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي هن چيو ته اسان غير محفوظ آهيون ۽ خوف واري زندگي گذاري رهيا آهيون ۽ اسان کي خدشو آهي ته هو اسان تي ٻيهر حملو ڪري ماري نه وڃن هن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته منهنجي اغوا ٿيل زال ريشمان کي بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.

Read Previous

سانگهڙ ميونسپل خلاف ٽين جنس جو احتجاج

Read Next

سکر ۾ ضلعي انتظاميه پاران ڪوٺايل تقريب ۾ اي پي ايس پشاور جي شهيد ٻارڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

Most Popular