سکر ۾ ضلعي انتظاميه پاران ڪوٺايل تقريب ۾ اي پي ايس پشاور جي شهيد ٻارڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سکر ۾ ضلعي انتظاميه پاران ڪوٺايل تقريب ۾ اي پي ايس پشاور جي شهيد ٻارڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي پشاور سانحي ۾ شهيد ٻارڙن جي عظيم قرباني کي قوم ڪڏهن به نه وساريندي: ڊپٽي ڪمشنر سکر 16 ڊسمبر 2014ع تي دهشتگردن قوم جي مستقبل کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، شهيد ٻارڙن جو خون رائگان نه ويندو، سڄي قوم اڄ شهيد ٻارڙن کي ڀيٽا پيش ڪري رهي آهي: رانا عديل تصور سمورن مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي: علماءِ ڪرام : ضلعي انتظاميه سکر پاران ميونسپل ڪارپوريشن جي سهڪار سان مهراڻ ڪلچرل ڪامپليڪس جي آڊيٽوريم ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ يادگار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڊويزنل، ضلعي عملدارن، علماءِ ڪرام ۽ سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن اي پي ايس شهيدن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب ۾ ميونسپل ڪمشنر سکر محمد علي بلوچ، اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي آصف جوڻيجو، ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سکر امتياز علي جويو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نصير شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پشاور آرمي پبلڪ اسڪول ۾ 16 ڊسمبر 2014 تي دهشتگرديءَ جو بدترين واقعو پيش آيو جنهن ۾ ملڪ جي مستقبل کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي گلن جهڙن ٻارڙن کي شهيد ڪيو ويو، هن واقعي کي پاڪستاني قوم ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن چيو ته پشاور سانحي جي شهيد ٻارڙن جي عظيم قرباني ۽ سندن خون رائيگان هرگز نه ويندو ۽ دهشتگردن کي شڪست نصيب ٿيندي. ڊپٽي ڪمشنر سکر پشاور سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي روڪٿام، قومي يڪجهتي ۽ مذهبي ڀائيچارو پيدا ڪرڻ لاءِ علماءِ ڪرام سميت سمورن مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ کي درپيش چئلينجز کي بهتر نموني منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن پاران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پيش ڪيل قربانين ۽ خدمتن عيوض کين سلام پيش ڪجي ٿو ۽ سڄي قوم پاڪ فوج سان دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ گڏ آهي. ان موقعي تي ڊي ايس پي سٽي سکر الاهي بخش سومرو خطاب ۾ دهشتگردن خلاف پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي قربانين ۽ پشاور سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته سڄي قوم دهشتگردن خلاف متحد آهي. تقريب ۾ مختلف مذهبي جماعتن ۽ تنظيمن جي اڳواڻن توڙي مڪتبه فڪر جي علماءِ ڪرام سيد عالم شاهه موسوي، سيد مٺل شاهه، عبدالرحمان ثاقب، مولانا مشرف محمود قادري، مولانا محمد عثمان فيضي، مولانا حامد محمود فيضي، مفتي محمد ابراهيم، قاري جميل احمد، عذرا جمال ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي پشاور سانحي جي شهيدن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو، آخر ۾ دعاءِ خير ۾ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، خوشحالي ۽ امن جي قيام لاءِ خصوصي دعا پڻ ڪرائي وئي.

Read Previous

قاضي احمد : ڳوٺ جادو جوڻو جي رھواسي مبينه هٿيار بندن هٿان زخمي ٿيل نياز جو واثن سان گڏ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

Read Next

منگلي ٿاڻي جي حد ۾ منشيات سان ڀريل ٽرڪ گپ ۾ ڦاسڻ ڪري پوليس جي پت وائکي علائقي ۾ چوٻول آهن

Most Popular