عامر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور:   قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر محمد عامر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تائين ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب صحافين سان ڳالهيون ڪندي قومي ٽيم جي رانديگر محمد عامر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جي تصديق ڪندي چيو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي خيرباد چوڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. محمد عامر چيو ته سريلنڪن پريميئر ليگ ۾ شرڪت کان پوءِ  هاڻ ڪراچي پهتو آهيان. سڀاڻي جمعي واري ڏينهن لاهور اچڻ کان پوءِ ان حوالي سان سمورا تفصيل شيئر ڪندس. مون هاڻ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ وڌيڪ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. محمد عامر جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ڇڏڻ ته نٿي چاهي پر جهڙي طرح جو ماحول بڻجي چڪو آهي ان مينجمينٽ تحت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جاري رکڻ ممڪن ناهي. نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ 35 رانديگرن ۾ به شامل نه ڪرڻ تي مستقبل جو اندازو ٿي ويو. 2010 کان 2015 تائين ڪرڪيٽ کان پري رهڻ واري وقت دوران ڪيتري ئي ذهني اذيت برداشت ڪئي. هاڻ وڌيڪ همت ناهي. 5 سال پابندي جي سزا ڪاٽي آيو هئس. ان جي باوجود هر ڀيري اهو چيو ويندو اهي ته پي سي بي منهنجي مٿان وڏي سرمائيڪاري ڪئي. محمد عامر چيو ته منهنجي واپسي ۾ اڳوڻي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي ۽ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو اهم ڪردار آهي. باقي ٽيم جو چوڻ هو ته اسان کي محمد عامر سان گڏ  کيڏڻو ئي ناهي. ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي حوالي سان مون ذاتي فيصلو ڪيو. ان کي به غلط انداز ۾ بحث جو موضوع بنايو ويو.  ملڪ جي لاءِ هر ڪو کيڏڻ چاهي ٿو. بي پي ايل جي شروعات ڪئي هئي جيڪڏهن مان چاهيان ها ته ان وقت به صرف ليگز کيڏندو رهان ها. هن وقت به ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏي مون کي هر مهيني زچ ڪيو ويندو هو.

Read Previous

شيخ رشيد اسلام آباد ۾ غير ضروري پوليس چيڪ پوسٽون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

اتر اوڀر آمريڪا ۾ برف جو طوفان، ٻن ڏينهن کان اڏامون معطل

Most Popular