مٽياري : ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دلچسپ مقابله حسن شاھ ڄاموٽ اليون ڪامياب

مٽياري . رپورٽ . مرحوم حاجي احمد المعروف ڏاڏو ٺيڪري ميمڻ جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دلچسپ مقابله حسن شاھ ڄاموٽ اليون ڪامياب شهرين جي وڏي تعداد ۾ شرڪت رانديگرن کي بهترين ڪارڪردگي تي داد . تفصيل موجب مٽياري جي جگنو ڪرڪيٽ گرائونڊ تي مرحوم حاجي احمد ميمڻ المعروف ڏاڏو ٺيڪري جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو ٽورنامينٽ ۾ علائقي جي 12 بهترين ٽيمن حصو ورتو دلچسپ مقابلن بعد ٽورنامينٽ جون ٻه بهترين ٽيمون سيد حسن شاھ ڄاموٽ اليون ۽ مٽياري بادشاھ اليون فائنل ۾ پهتيون فائنل مقابلي جا مهمان خاص پي ٽي آئي جو صوبائي اڳواڻ حاجي عبدالرزاق ميمڻ ۽ شاداب پيٽروليم سرورس جو مالڪ ملڪ صغير احمد هئا فائنل مئچ ۾ سيد حسن شاھ اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر ڪيل 9 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي 125 رنسون ٺاهيون سيد حسن شاھ ڄاموٽ اليون پاران وقار مڱريو بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 40 رنسون جوڙيون جڏهن ته آصف خاصخيلي 2 وڪيٽون ورتيون 125 رنسن جي ٽارگيٽ پويان مٽياري بادشاھ جي ٽيم 9 اوورن جي اختتام تي 115 رنسون جوڙي سگهي ياسر مڱڻهار جي ففٽي به ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهي مخالف ٽيم جي وقار مڱريو 3 وڪيٽون ورتيون ٽورنامينٽ جي فاتح حسن شاھ ڄاموٽ اليون کي مهمان خاص حاجي عبدالرزاق ميمڻ ونر ٽرافي ڏني ٽورنامينٽ جا آرگنائيزر مسافر عبيد ميمڻ ۽ معشوق ميمڻ هئا جڏهن ڪمنٽري جا فرض داد سنڌي ادا ڪيا امپائرنگ ميانداد ۽ سليم ملاح ڪئي ٽورنامينٽ جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي حاجي عبدالرزاق ميمڻ جو چوڻ هو ته مٽياري ۾ نوجوانن جي تفريح لاء ڪا به سهولت ناهي ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر شهر ۾ نه نوجوانن جي کيڏڻ جو ڪو گرائونڊ آهي نه ئي ڪا پبلڪ پارڪ آهي جنهن سبب نوجوانن کي صحت جون سرگرميون ڪرڻ لاء مشڪلات پيش اچي رهي آهي هن چيو ته سالن کان هتي حڪمراني ڪندڙ هتي جي چونڊيل نمائندن کي نوجوانن بابت سوچڻ گهرجي هن چيو ته نوجوانن جي مشڪلاتن کي ڏسي عارضي بنيادن تي پنهنجي زاتي پلاٽ مان گرائونڊ ٺهرائي ڏنو آهي پر نوجوانن کي مستقل گرائونڊ ڏيڻو پوندو ملڪ صغير جو چوڻ هو ته نوجوانن لاء اهڙيون صحتمند سرگرميون ضروري آهن اسان کان جيترو پهچندو نوجوانن جي مدد ڪندا رهنداسين

Read Previous

لاڙڪاڻي شهر دڙي ٿاڻي جي حد مراد واهڻ پاڙي مان بيهوشي واري حالت ۾ 16 سالا نوجوان مليو

Read Next

مٽياري : شوگر ملز لميٽيڊ ۽ وائٽل گرين لاھور طرفان مٽياري زرعي اسڪول جي پھرين ڪامياب بينچ جي شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيو سامان تقسیم

Most Popular