سکر ۾ ايف آئي اي سائبر ونگ جو احساس ڪفالت پروگرام ۾ جعل سازي ذريعي پئسا ڪنڌندڙ چار ڄڻا گرفتار۔ڪيس داخل لاڪ اپ حوالي

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سکر ۾ ايف آئي اي سائبر ونگ جو احساس ڪفالت پروگرام ۾ جعل سازي ذريعي پئسا ڪنڌندڙ چار ڄڻا گرفتار۔ڪيس داخل  لاڪ اپ حوالي ان سلسلي ۾ سکرجي ايف آئي اي سائبر ونگ سکر بائي پاس لڳ ڪاروائي ڪندي احساس ڪفالت پروگرام مان جعل سازي ڪندي لکين روپيا مستحق عورتن جي نالي سان ڪڍرايا آھن ان ڏس ۾ سائبر ونگ انچارج امجد عباسي موجب جوابدار جعلي ٿم مشين ۽ ٻيو سامان استعمال ڪري لکين روپيا ڪڍرائي چڪا آھن جوابدارن خلاف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊويزنل ڊائريڪٽر جميل احمد شيخ جي فرياد تي ايف آء آر داخل ڪئي وئي آھي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي ۔سندس چوڻ آھي ته جوبدارن وٽان موبائيل فونز۔سيليڪون ٿم ٿم ٺاهڻ واري مشين ۔بائيو ميٽرڪ مشين۽ تصديڪ ڪندڙ مشين هٿ ڪئي آھي اهڙي ڪاروائي شڪايت تي ڪئي وئي آھي

Read Previous

حڪومت سخت پريشاني جي حالت ۾ آهي ۽ تنهن ڪري جلد چونڊون چاهي ٿي ، صدارتي آرڊيننس به آئين کي تبديل نٿو ڪري سگهي: پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان

Read Next

نوابشاهه : اٺھٺ موري پريس ڪلب جي صدر غلام سرور خاصخيلي کي صحافت ۾ ڪيل خدمتن تي اڳوڻي يوسي چيئرمين فقير رجب علي رند طرفان مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو مڃتا ايوارڊ تقريب

Most Popular