واٽس ايپ ويب تي وڊيو ۽ وائس ڪالنگ جي آزمائش شروع

بيجنگ:    ڪجهه مهينا اڳ واٽس ايپ طرفان صارفين کي خوشخبري ٻڌائي وئي هئي ته هو جلد واٽس ايپ ويب تي وڊيو ۽ وائس ڪالنگ جي فيچر کي شامل ڪرڻ وارا آهن.  هاڻ تازو ئي واٽس ايپ جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته فيس بڪ جي ملڪيت ڪمپني واٽس ايپ تي ايندڙ سال وائس ۽ وڊيو ڪالنگ جو فيچر ملي سگهندو. ڪمپني موجب هنن واٽس ايپ ويب تي ڪجهه صارفين جي لاءِ وڊيو ۽ وائس ڪالنگ جي هن فيچر جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته في الحال واٽس ايپ تي صرف موبائل فون صارفين ئي وڊيو ۽ وائس ڪالنگ ڪري سگهن ٿا. پر هاڻ هن نئين اپ ڊيٽ کان پوءِ صارفين واٽس ايپ ويب جو استعمال ڪندي به وڊيو ۽ وائس ڪالنگ ڪري سگهن ٿا پر واٽس ايپ طرفان هن فيچر کي سمورن صارفين جي لاءِ پيش ڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

Read Previous

نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

Read Next

سجاول : پ پ پ ضلعي سجاول جو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحيبه جي ورسي بابت هڪ اهم اجلاس ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي جي صدارت ۾ پ پ پ ضلع آفيس تي ٿي

Most Popular