ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري وڌيڪ ٽياسي مريض حياتيون وڃائي ويٺا، ٻه هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد:   ملڪ ۾ ڪورونا وائرس  جا وار جاري آهن، هڪ ڏينهن ۾ 83 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 35 هزار 621 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا ٽيسٽن جو انگ 64 لک 6 هزار 281 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 142 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 62 هزار 814 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک  6 هزار 489، پنجاب ۾ هڪ لک 33 هزار 179، خيبرپختونخواهه ۾ 55 هزار 811، اسلام آباد ۾ 36 هزار 483، بلوچستان ۾ 17 هزار 980، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 040 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 832 ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن  موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 37 هزار 905 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران   سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 83 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 9 هزار 557 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا جا 4 هزار 415 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 15 هزار 352 ٿي ويو آهي.

Read Previous

عمران ڪير ٿيندو آهي مون کان حساب وٺڻ وارو هو پاڻ ناجائز طريقي سان اچڻ جو حساب ڏئي: فضل الرحمان

Read Next

سينيٽ چونڊون شو آف هينڊز: صدر عارف علوي ريفرنس سپريم ڪورٽ اماڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular