ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ111 مريضن فوت، 2000 کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد:  ملڪ ۾ ڪورونا وائرس هڪ ئي ڏينهن ۾ 111 مريصن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي اهي.  نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 37 هزار 173 ڪورونا ٽيست ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 64 لک 28 هزار 240 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 256  هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 65 هزار 070 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 7 هزار 407، پنجاب ۾ هڪ لک 33 هزار 874، خيبرپختونخواهه ۾ 56 هزار 160، اسلام آباد ۾ 36 هزار 721، بلوچستان ۾ 18 هزار 005، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 065 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 838  ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.  سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 38 هزار 268 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 111 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 9 هزار 668 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ئي ڏينهن ۾ هڪ هزار 782 مريض صحتياب ٿيا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريصن جو انگ 4 لک 17 هزار 134 ٿي ويو آهي.

Read Previous

آصف زرداري جو مولانا فضل الرحمان سان رابطو، ڳڙهي خدابخش جلسي ۾ شرڪت جي دعوت

Read Next

مسلم ليگ(ن) جي ٻن قومي اسيمبلي ميمبرن استعيفائون اسپيڪر اسد قيصر ڏانهن اماڻي ڇڏيون

Most Popular