مسلم ليگ(ن) جي ٻن قومي اسيمبلي ميمبرن استعيفائون اسپيڪر اسد قيصر ڏانهن اماڻي ڇڏيون

اسلام آباد:   پي ڊي ايم ميمبرن جي اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ جي تحريڪ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ مسلم ليگ(ن) جي 2 اسيمبلي ميمبرن پنهنجون استعيفائون اسپيڪر اسد قيصر ڏانهن اماڻي ڇڏيون آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ٻنهي ميمبرن جي استعيفائن جون ڪاپيون جاري ڪري ڇڏيون آهن ۽ اسپيڪر اسد قيصر استعيفي موڪلندڙ ٻنهي اسيمبلي ميمبرن مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ محمد سجاد کي تصديق جي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. استعيفائن جي تصديق جي لاءِ ٻنهي اسيمبلي ميمبرن کي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سان رابطو ڪرڻ جي لاءِ خط لکيو ويو آهي ته جنهن ۾ چيو ويو ته ٻئي اسيمبلي ميمبر پنهنجون استعيفائون سرڪاري ليٽر پيڊ تي اسپيڪر اسد قيصر ڏانهن اماڻين.استعيفائن تي انهن جون صحيحون قومي اسيمبلي جي رڪارڊ ۾ ڏنل صحيحن موجب هجن. ميمبر پنهنجي استعيفائن جي تصديق لاءِ اسپيڪر جي سامهون پيش ٿيڻ جي تاريخ مان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي آگاهي ڏين. خط ۾ چيو ويو آهي ته ميمبرن طرفان ڏنل تاريخ جي 7 ڏينهن جي اندر انهن کي استعيفائن جي تصديق لاءِ گهرايو ويندو. انهن جي طرفان جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ اهو تصور ڪيو ويندو ته هنن کي پنهنجي دفاع ۾ ڪجهه ناهي چوڻو. هنن جي پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ انهن جي استعيفائن کي منظور ڪيو ويندو. هوڏانهن پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پارٽي اڳواڻن جي سڌو سنئون قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي استعيفائون جمع ڪرائڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ محمد سجاد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي سڌو سنئون استعيفائون جمع ڪرائڻ جي خبط غلط آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ٻنهي اڳواڻن پنهنجون استعيفائون پارٽي جي صوبائي صدر کي جمع ڪرايون هيون.  خيبرپختونخواهه جي صدر انجنيئر امير مقام اهي استعيفائون پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ڏانهن اماڻيون آهن. مسلم ليگ(ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو معاملو دلچسپ صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. مريم اورنگزيب جي ترديد کان پوءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ استعيفائن جون ڪاپيون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ111 مريضن فوت، 2000 کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر

Read Next

سفارشي ڪلچر هر شيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

Most Popular