لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل 4نوجوانن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي شهرن مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بئنر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اقصيٰ دايو، افسانه دايو، مسمات رحمت خاتون سومرو، عبدالڪريم ٽڳڙ ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 29 مئي 2017ع تي لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلي مان پورهيت درزي انصاف دايو کي، 3 آگسٽ 2018 تي شهر جي ايوب ڪالوني مان پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ ۽ 23 آگسٽ 2020ع تي لاڙڪاڻي واسي ٻن پورهيت ڀائرن فراز احمد ۽ شيراز سومرو کي ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺن مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهرن ۾ مايوسي ۽ پريشاني واري صورتحال ڇانيل آهي. هنن چيو ته نوجوانن جي آزادي لاءِ اسان مسلسل احتجاج ڪري اعليٰ اختيارين کي اپيلون ڪري رهيا آهيون پر افسوس جو اڄ ڏينهن تائن ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

پليجاڻي ھزارا ايڪسپريس جو 4 سالن جي ٻارڙي کي ٽڪر نيگر فوت

Read Next

سانگهڙ: انور حسين بخاري ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذريو

Most Popular