سانگهڙ: انور حسين بخاري ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذريو

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) پهريون انور حسين بخاري ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سيد چن بادشاه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم راوتياڻي ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ علائقي جي 8 ٽيمن حصو ورتو فائنل ماشاءاللہ ڪرڪيٽ ڪلب ۽ ٽي سي سي راوتياڻي وچ ۾ ٿيو پهريان بئٽنگ ڪندي ٽي سي سي راوتياڻي جي ٽيم مقررا 6 اوورن ۾ 120 رنسن جو ٽارگيٽ مخالف ٽيم کي ڏنو جنهن ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ مهمان کلاڙي فهد ميان چنو ۽ رانا محسن بهترين بئٽنگ جو مظاهرو ڪيو ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي ماشاءاللہ ڪرڪيٽ ڪلب 80 رنسون ٺاهي سگهي اهڙي ريت ٽورنامينٽ جو فائنل ٽي سي سي راوتياڻي کٽي ورتو آخر ۾ فائنل ٽورنامينٽ جي سرمني ٿي جنهن ۾ سيد اختر حسين بخاري، محسن بخاري، گل شير چاڪراڻي، ساحل مهر ۽ ٻين ونر ٽيم جي ڪپتان سيد زين بخاري کي ونر ٽرافي ۽ 80 هزار ڪيش پرائز ۽ رنر ٽرافي علي نعيم جٽ کي 30 هزار ۽ ٽرافي ڏني وئي پليئر آف دي ٽورنامينٽ جو انعام رانا محسن کي ڏنو ويو ٽورنامينٽ جي تمام فيس بڪ لائيو ڪوريج سنڌ ٽيپ بال جي فيس بڪ پيج تي سلمان ۽ ٽي سي سي راوتياڻي جي پيج تي ڪي ايم خان هلائي جڏهن ته پوري ٽورنامينٽ ۾ بهترين ڪمينٽري همٿ شيخ ڪئي.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل 4نوجوانن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو

Read Next

بلوچستان ۾ ايف سي پوسٽ مٿان دهشتگردن جو حملو، 7 جوان شهيد

Most Popular