سجاول(ڊر)ٽائون ڪميٽي سجاول جي فائر برگيڊ جي گاڏي سجاول جي من پسند ٺيڪيدار نوريز خواجہ جي پرائيوٽ ۽ ٺيڪيداري تعميراتي ڪم ۾ استعمال ٿيڻ لڳي.ڊي سي سجاول. جي رھائش گاھ ڀرسان خانگي تعميراتي ڪم ۾ فائربرگيڊ ذريعي پاڻي پھچائڻ جو سلسلو جاري آھي

سجاول(ڊر)ٽائون ڪميٽي سجاول جي فائر برگيڊ جي گاڏي سجاول جي من پسند ٺيڪيدار نوريز خواجہ جي پرائيوٽ ۽ ٺيڪيداري تعميراتي ڪم ۾ استعمال ٿيڻ لڳي.ڊي سي سجاول. جي رھائش گاھ ڀرسان خانگي تعميراتي ڪم ۾ فائربرگيڊ ذريعي پاڻي پھچائڻ جو سلسلو جاري آھي.ذريعن جو چوڻ آھي ته اي سي سجاول پنهنجي من پسند ٺيڪيدار کي پاڻي ڀرڻ لا۽ فائر برگيڊ گاڏي ڏيئي ڇڏي اڪثر فائربرگيڊ جي گاڏي ٺيڪيدار جي حوالي ٿيل آھي.اي سي ميرپوربٺورو جي اضافي چارج رکندڙ سجاول جي اي سي ۽ ٽائون ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر ھڪ حڪومتي پارٽي جي عھديدار جي سفارش تي مقرر ٿيل آھي.فائر برگيڊ جي گاڏي ڊي سي هائوس جي ڀرسان روڊ جي ڪم جو پاڻي ڀريندي رهي پر ڊي سي سجاول به ڪو ايڪشن نه کنيو آھي.ڪٿي باه جو واقعو ٿئي ٿو اتي فائر برگيڊ نٿي پهچي ٻه ڏينھن اڳ ميرپوربٺورو جي حد ۾ ڳوٺ مارو شورو ۾ باه لڳي پر ٺيڪيدار جي ذاتي استعمال ھيٺ ھجڻ سبب اتي فائر برگيڊ نه پهچندي آھي.ھن اي سي سجاول کي ٻه چارجون ڏنيون ويون آھن.جنھن سبب ٻنھي شھرن ۽ ٽائون ڪميٽين جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي.ٽائون ڪميٽي جي ملازمن کي پگھارون نٿيون ڏنيون وڃن.ھنن چيو ته ھن کان سجاول جي چارج ورتي وڃي ٻيو اي سي مقرر ڪيو وڃي.

Read Previous

سجاول : باء پاس ته تعمير ٿي ويا پر زميندارن کي سندس معاوضو نه ملي سگھيز،زميندارن جو سجاول پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Read Next

نوشهروفيروز : ميونسپل جي درجو نه ڏيڻ پوری شھر جی روشن رستن گلین م گندگی ء شھرین کی مثو پاٹی فراھم نہ کرٹ خلاف شھري ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Most Popular