سجاول : باء پاس ته تعمير ٿي ويا پر زميندارن کي سندس معاوضو نه ملي سگھيز،زميندارن جو سجاول پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سجاول ۾ باء پاس ته تعمير ٿي ويا پر زميندارن کي سندس معاوضو نه ملي سگھيو.زميندارن جو سجاول پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. خبرموجب:ڪراچي کان ٿرپارڪر تائين ٺھيل روڊ ۾ ڪيترن ماڻھن جي زمين جي وچان روڊ ڪڍيو ويو.سجاول جي باء پاس پڻ تعمير ٿيو جنھن ۾ ڪيترن ئي زميندارن جو زمينون پڻ ان روڊ جي وچ ۾ اچي ويون آھن.سجاول جي زميندارن لڌو ساندڇانگو ملاح،صديق ملاح سجاول پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو ته اسان جي زمين وچان روڊ ٺھرائي اسان جي زمينن تي قبضو ڪيو ويو آھي.اسان جي زمينن جا کاتن ۾ ھيرا ڦيري ڪري ضلعي انتظاميه کاتا گم ڪري ڇڏيا آھن.ھنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا آھن.سنڌ جي وزيرن سميت ٻين علمدارن جي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو آھي پر اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاء تيار نه آھي.ھنن چيو ته ڊي سي آفيس سجاول وڃون ٿا ته اسان کي ڊي سي ۽ اي سي آفيس مان ڌڪا ڏئي ڪڍيو ڇڏين ھنن چيو ته پ پ چئرمين بلاول ڀٽو ۽ وزيراعلي سنڌ مراد علي شاه ان معاملي جي جانچ ڪرائي اسان جي زمينن جون معاوضو ڏنو وڃي.

Read Previous

نوجوانن جو ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۾ وڏو اهم ڪردار آهي، نوجوانن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ڪم ڪرڻ جون صلاحتيون موجود آهن : محمد جاويد ميمڻ

Read Next

سجاول(ڊر)ٽائون ڪميٽي سجاول جي فائر برگيڊ جي گاڏي سجاول جي من پسند ٺيڪيدار نوريز خواجہ جي پرائيوٽ ۽ ٺيڪيداري تعميراتي ڪم ۾ استعمال ٿيڻ لڳي.ڊي سي سجاول. جي رھائش گاھ ڀرسان خانگي تعميراتي ڪم ۾ فائربرگيڊ ذريعي پاڻي پھچائڻ جو سلسلو جاري آھي

Most Popular