نوشهره ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ تي حملو، چار ڄڻا مارجي ويا، جوابدار فرار

نوشهره: نوشهره ڪينٽ واري علائقي حڪيم آباد ڍيري ۾ هٿياربند مخالف جوابدارن جي فائرنگ ۾ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ملڪ خالد خان ٻن نوجوان پٽن ۽ محافظ سميت قتل ٿي ويو. حڪيم آباد جي ٽي روڊ تي قائم سي اين جي اسٽيشن جو مالڪ ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ملڪ خالد خان ٻن پٽن نويد خالد، ياسر خالد ۽ محافظ خالد سان گڏ گاڏي ۾ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هٿياربندن گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ چارئي ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا. اطلاع ملندي ئي ڪينٽ پوليس جي ايس ايڇ او زرداد خان پوليس پارٽي سان گڏ واردات واري جاءِ تي پهچي ويو ۽ ڪيس داخل ڪري ڇاپا مار پارٽي تشڪيل ڏني.

Read Previous

وزيراعظم پاران ٻه هزار ايڪيهه لاءِ ٻن پروگرامن جو اعلان

Read Next

خيبرپختونخواهه حڪومت پاران ڪرڪ ۾ مندر ٻيهر ٺاهڻ جو اعلان

Most Popular