تلھار ۾ ينگ گونگا ايسوسيشن پاران مسلسل احتجاج جاري

تلھار ۾ ينگ گونگا ايسوسيشن پاران مسلسل احتجاج جاري،حڪومت سنڌ نوٽس نه ورتو،نئين جي سال جي پھرين ڏينھن معزورن بڙ چوڪ کان عوامي پريس ڪلب تائين ٿاليون وڄائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو،،سياسي سماجي اڳواڻن پاران ڀرپور حمايت جو اعلان ان سلسلي ۾ سماجي مذھبي اڳواڻن ڊاڪٽر محمد آصف ميمڻ،ڊاڪٽر محمود ميمڻ،عبدالقدوس جان خليلي،پ پ اڳواڻ حاجي ڪڇي،ايوب ڪنڀار ۽ سينئير صحافي ڪالمنگار عاجز انور لاشاري جو چوڻ ھو ته تلھار ۾ سمورن سرڪاري ادارن ۾ ھڪ ھڪ معزور فرد کي روزگار ملڻ گھرجي پر بدقسمتي سان ڪو به معزور روزگار ناھي ماڻي سگھيو،تلھار ۾ ٽائون ڪميٽي ۾ سابقه چيئرمين وٽ معزور اعجاز علي کٽي روزگار ۽ وظيفي لاء پڻ ڪافي ڀيرا چڪر ڪاٽي رڙي رڙي ماٺ ڪري ويھي رھيو پر ڪٿان ڪا اميد نه ملي ھن وقت ينگ گونگا ايسوسيشن پاران معزورن جو مسلسل احتجاج جو سلسلو جاري رھڻ جي باوجود اقتدار ڌڻين جي مٿي تي جوء به ڪون سري آھي معزورن جي ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ لا۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪيون ٿا سوموٽو نوٽس وٺي بيروزگار معزور گونگن کي روزگار ڏيارڻ لا۽ ڪوششون ورتيون وڃن جيئن ھتي جا غريب معزور فاقا ڪاٽڻ تي مجبور نه بڻجن،،،

Read Previous

صدر ٽرمپ ٻيو صدام حسين ثابت ٿيو: حسن روحاني

Read Next

قاضي احمد : سنڌ سڀاء جو پرامن پيادل قافلي مٿان اوٻاوڙي جي ايس ايڇ او غلام عباس سندراڻي پاران نياڻين سان ڪيل تشدد خلاف نوجوان اتحاد فورم پاران احتجاج ڪيو ويو

Most Popular