افغان صوبي بغلان ۾ آپريشن دوران ڇهه طالبان مارجي ويا

بغلان: افغانستان جي صوبي بغلان ۾ آپريشن جي نتيجي ۾ 6 طالبان مارجي ويا جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. افغان ميڊيا موجب افغانستان جي صوبي بغلان ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪندي 6 افغان طالبان کي ماري ڇڏيو، ان دوران 4 طالبان زخمي به ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ طالبان جا ٻه اهم ماڻهو به شامل هئا. بغلان پوليس چيف موجب طالبان هاءِ وي تي قبضو ڪري ورتو هو، جنهن کي ڇڏائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ اسان کي ڪاميابي به ملي، آپريشن جي نتيجي ۾ طالبان پوئتي هٽي ويا ۽ هاءِ وي کي ڪليئر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هاءِ وي تي 6 چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن ۽ پوليس ٽيم باقاعده پيٽرولنگ ڪندي.

Read Previous

صبا قمر جو روزانو گلدستو موڪليندڙ مداح لاءِ خاص پيغام

Read Next

مايوس ڪارڪردگي تي ٽيم مينيجمينٽ جي سخت احتساب جو فيصلو

Most Popular