مايوس ڪارڪردگي تي ٽيم مينيجمينٽ جي سخت احتساب جو فيصلو

لاهور: نيوزي لينڊ جي دوري دوران مايوس ڪندڙ پرفارمينس تي ٽيم مينيجمينٽ پاران سخت احتساب جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب وطن واپسي تي بورڊ عملدارن پاران مصباح الحق کان جواب گهريو ويندو، بيٽنگ ڪوچ يونس خان ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس کان به ناقص ڪارڪردگي تي پڇيو ويندو. ايندڙ هفتي سليم يوسف جي سربراهي ۾ پي سي بي جي ڪرڪيٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ مصباح الحق جي خراب ڪارڪردگي ۽ ڪجهه رانديگرن پاران درست رويو اختيار نه ڪرڻ جي شڪايتن جو به جائزو وٺي سفارشون ٺاهيون وينديون، ڪرڪيٽ ڪاميٽي جي هڪ اهم ميمبر کي مستقبل ۾ غيرملڪي ڪوچ جي ڳولا جو ٽاسڪ به حوالي ڪيو ويو آهي.

Read Previous

افغان صوبي بغلان ۾ آپريشن دوران ڇهه طالبان مارجي ويا

Read Next

مچ سانحي : وزير اعظم اچڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان

Most Popular