مچ سانحي : وزير اعظم اچڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان

ڪوئيٽا :  مچ سانحي جي متاثرن جو ڪوئيٽا شاهراهه تي ميتن سان گڏ ڌرڻو چوٿين به جاري آهي، وفاقي وزيرن ۽ صوبائي حڪومت جي ڪيترين ئي ڪوششن جي باوجود مظاهرو ڪندڙن ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هر قسم جون ڳالهيون وزير اعظم جي آمد سان سلهاڙي ڇڏيون. مچ سانحي ۾ 11 مارجي ويل مزدورن جي وارثن جو ڌرڻو سخت سيءَ باوجود کليل آسمان هيٺان ميتن سان گڏ جاري آهي. احتجاج ڪندڙن ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ شامل آهن، مظاهرو ڪندڙن ڏکڻ باءِ پاس کي ٻنهي پاسن کان ٽائر ساڙي بند ڪري رکيو آهي ۽ هر قسم جي ٽريفڪ جي رواني معطل آهي. سومر ۽ اڱاري جي وچولي رات گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ڌرڻي وارن سان ڳالهين لاءِ پهتا ته وارثن وزير اعظم جي آمد ۽ صوبائي حڪومت جي مستفي ٿيڻ جي شرط لاڳو ڪري ڇڏي. مظاهرو ڪندڙن جوابدارن جي گرفتاري جي معاملي تي جوڊيشل ڪميشن جي قيام جو به مطالبو ڪيو جنهن کي شيخ رشيد منظور ڪندي جوڊيشل ڪميشن جي قيام جي خاطري ڪرائي پر مظاهرو ڪندڙن ٻين مطالبن جي منظوري تائين ميتن جي تدفين کان انڪار ڪري ڇڏيو. مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهين جي لاءِ  اڱاري ۽ اربع جي وچولي رات وفاقي وزير علي زيدي ۽ زلفي بخاري به پهتا پر شرڪت ڪندڙن وزير اعظم جي اچڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ ۽ ميتن جي تدفين کان انڪار ڪري ڇڏيو. زلفي بخاري:علي زيدي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته مظاهرو ڪندڙن کان درخواست آهي ته شهيدن جي تدفين ڪن آئون خاطري ڪرايان ٿو ته وزير اعظم عمران خان وارثن سان ملاقات ڪرڻ ضرور ڪرڻ ايندو، پاڪستان ۾ ماضي ۾ به اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن اسان حڪومت ۾ نه هياسين تڏهن به اهڙا واقعا ٿيا، پاڪستان کي نقصان رسائڻ ۾ ٻاهريان هٿ شامل آهن. بلوچستان جي وڏي وزير سان ڳالهيون ناڪام:هوڏانهن بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال به ڌرڻو جي انتظاميا سان ملاقات لاءِ ويو ۽ کين لاش دفنائڻ ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي، پر هزاره برادري ۽ ڌرڻي جي انتظاميا ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. انتظاميا جو چوڻ آهي ته شهيدن جي وارثن جو هڪ ئي مطالبو آهي ته وزير اعظم عمران خان اسان جي سار سنڀار لاءِ پاڻ هتي اچي.

Read Previous

مايوس ڪارڪردگي تي ٽيم مينيجمينٽ جي سخت احتساب جو فيصلو

Read Next

سجاول ضلعي جي اسڪولن جي عمارت ۾ تبديلي نه اچي سگھي

Most Popular