شاهد خاقان عباسي پاران وزيراعظم کي براڊ شيٽ فيصلو عوام آڏو آڻڻ جو چيلنج

اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي وزيراعظم عمران خان کي براڊ شيٽ فيصلو عوام آڏو آڻڻ جو چيلينج ڏئي ڇڏيو آهي. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته براڊ شيٽ جي سربراهه ڪاوي موسوي کي 2012 ۾ رشوت  وٺڻ جي آڇ ٿي هئي ته کيس پوليس وٽ وڃڻ گهرجي ها، انجم ڊار کي مان نٿو سڃاڻان. هن چيو ته هاڻ انتظار نه ڪريو انجم ڊار جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ها پر خبر ناهي ڇو هن جي لاءِ 8 سال انتظار ڪيو ويو؟ هن جو چوڻ هو ته براڊ شيٽ سربراهه جي خلاف ڪيس شهزاد اڪبرکي ڪرڻ گهرجي ها. صرف هڪ شخص جي خلاف مواڊ ڳولڻ لاءِ 65 ملين ڊالر خرچ ڪيو ويو.

Read Previous

(ن) ليگ اڳواڻ خواجه آصف جاچ دوران سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو

Read Next

پاناما پيپرز ۽ براڊ شيٽ ڪرپٽ مافيا جو ڪارو ناڻو ظاهر ڪري ڇڏيو: شبلي فراز

Most Popular