جوبائيڊن جو پهريون ڏينهن: مسلمانن تي سفري پابندي جي خاتمي سميت پندرنهن صدارتي حڪم ناما جاري

آمريڪي صدر جوبائيڊن عهدو سنڀاليندي ئي ڊونلڊ ٽرمپ طرفان مسلمانن جي اڪثريت رکندڙ ڪجهه ملڪن تي لڳايل سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب جوبائيڊن آمريڪا جي 46هين صدر جي حيثيت سان عهدي جو حلف کڻندي ئي مسلمانن تي لاڳو پابنديون ختم ڪرڻ سميت 15 صدارتي حڪم نامن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. انهن ۾ اڪثر حڪم ناما ڊونلڊ ٽرمپ جي مخالف پاليسي سميت ٻين تڪراري پاليسين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جاري ڪيا ويا آهن.

جوبائيڊن طرفان جن صدارتي حڪم نامن تي صحيحون ڪيون ويون آهن انهن ۾ مسلمانن تي سفري پابندين جو خاتمو، پيرس ماحولياتي معاهدي ۾ شموليت ۽ ڪورونا بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنگامي قدمن جا حڪم ناما پهرين نمبر تي آهن. آمريڪي صدر پنهنجي شروعاتي حڪم نامي ۾ صحت جي عالمي اداري ڏانهن واپس وڃڻ جو به اعلان ڪيو آهي. جنهن کان ڊونلڊ ٽرمپ اهو چئي ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو ته اهو ادارو ڪورونا وائرس جي دوران چين سان سختي ناهي ڪري رهيو.

Read Previous

گوجرانوالا ۾ نامعلوم جوابدارن ماءُ سميت چئن ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو

Read Next

پي سي بي چيئرمين هر مهيني ساڍا 9 لک رپيا خرچ ڪري ٿو

Most Popular