پي سي بي چيئرمين هر مهيني ساڍا 9 لک رپيا خرچ ڪري ٿو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين احسان ماني هر مهيني ساڍا 9 لک رپيا خرچ ڪري ٿو.

پي سي بي طرفان احسان ماني جي خرچن بابت جاري ڪيل تفصيلن موجب هن 6 مهينن ۾ 57 لک 6 هزار 171 رپيا خرچ ڪيا.

دستاويزن موجب احسان ماني هر مهيني سراسري طور 9 لک 51 هزار رپيا خرچ ڪيا، هن رهائش جي مد ۾ 22 لک 2 هزار رپين کان وڌيڪ، جڏهن ته گاڏي ۽ ڊرائيور جي مد ۾ 2 لک 29 هزار رپين کان وڌيڪ پئسا خرچ ڪيا.

Read Previous

جوبائيڊن جو پهريون ڏينهن: مسلمانن تي سفري پابندي جي خاتمي سميت پندرنهن صدارتي حڪم ناما جاري

Read Next

پهريون ئي گيت ڪامياب ٿيڻ تي حرا ماني مداحن جي ٿورائتي

Most Popular