”مولانا فضل الرحمان کي به پنهنجون رسيدون ڏيڻيون پونديون“

پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي کان به رسيدون گهريون آهن، مولانا کي به پنهنجون رسيدون ڏيڻيون پونديون.

لاهور ۾ منسٽر هائر ايجوڪيشن راجا ياسر همايون سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته استعيفائن مان شروع ٿيندڙ احتجاجي سياست هاڻ اسرائيل مردا باد تائين پهچي وئي آهي، اسرائيل مرده باد جي نعري سان مولانا پنهنجي ٻڏندڙ ٻيڙي کي سهارو نٿو ڏئي سگهي، پي ڊي ايم نه پاس ڪري رهي آهي ۽ نه برداشت.

Read Previous

ن ليگ براڊ شيٽ جاچ لاءِ جسٽس عظمت سعيد جي مقرري رد ڪري ڇڏي

Read Next

سڄي ملڪ ۾ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن ۾ 47 ڄڻا فوت

Most Popular