ن ليگ براڊ شيٽ جاچ لاءِ جسٽس عظمت سعيد جي مقرري رد ڪري ڇڏي

پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب براڊ شيٽ اسڪينڊل جي جاچ لاءِ جسٽس (ر) عظمت سعيد جي مقرري رد ڪري ڇڏي.

مريم اورنگزيب چيو ته جنهن کان جاچ ٿيڻ گهرجي، ان کان جاچ ڪرائڻ انصاف جو قتل آهي، عمران خان صاحب همت ڪري قوم کي سڌو ٻڌائي ته توهان کي اين آر او گهرجي، نيب جي اڳوڻي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل کان ئي جاچ ڪرائڻ براڊ شيٽ سان وڏو فراڊ آهي، جسٽس (ر) عظمت سعيد تڪراري شخصيت ۽ معاهدو ڪندڙن ۾ شامل هو، بدنام براڊ شيٽ سان گڏ نيب جي معاهدي تي صحيح جي وقت شيخ عظمت سعيد ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب ۽ سينيئر قانوني عهدي تي مقرر هو، عمران صاحب ثابت ڪري ڇڏيو ته سليڪٽڊ وزير اعظم بابت ڪا به شفاف، آزاداڻي ۽ منصفاڻي جاچ نٿي ٿي سگهي، اِها مقرري اصل ۾ عمران خان صاحب ۽ هن جي حڪومت جي بدنيتي آهي.

Read Previous

”پي ڊي ايم کي وزير اعظم خلاف تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ تي راضي ڪنداسين“

Read Next

”مولانا فضل الرحمان کي به پنهنجون رسيدون ڏيڻيون پونديون“

Most Popular