ڪابينه اجلاس: وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ چاليهه سيڪڙو واڌ جي منظوري

ڪابينه وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ 40 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. 

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينه وفاقي ملازمن جي پگها ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي پر ايف بي آر، نيب ۽ ايف آءِ اي سميت جن ملازمن کي اڳ ئي  اضافي پگهار ملي رهي آهي اهي شامل نه هوندا.

ان کان علاوه ڪابينه صوبن جي ملازمن جي پگهار ۾ واڌ بابت پاڻ فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Read Previous

سينيٽ چونڊون:(ن) ليگ به صدارتي آرڊيننس چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

صحت جي عالمي اداري ڪورونا ويڪسين بابت خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

Most Popular