ڪي اليڪٽرڪ بجلي هڪ روپيو چوويهه پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جون تياريون ڪري ورتيون

ملڪ کي سڀني کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ  شهر جي رهواسين تي نئون بجلي بم  ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جنهن جي تحت ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي 3 روپيه 24 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو امڪان آهي.

ڪي اليڪٽرڪ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارتي(نيپرا) کان بجلي جي قيمت ۾ گذريل 4 مهينن جي لاءِ واڌ ۽ 3 مهينن جي لاءِ گهٽتائي جي درخواست ڪئي آهي. جنهن جي منظوري کان پوءِ ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي ٽيرف ۾ 3 روپيه 24 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي. ڪي اليڪٽرڪ طرفان جولاِ 2020 جي لاءِ 71 پئسا، آگسٽ جي لاءِ هڪ روپيه 40 پئسا سيپٽمبر جي لاءِ هڪ روپيو 12 پئسا ۽ آڪٽوبر جي لاءِ 5 پئسا في يونٽ ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

Read Previous

صحت جي عالمي اداري ڪورونا ويڪسين بابت خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

Read Next

پي ايس ايل ٽڪيٽن جو آن لائن وڪرو شروع

Most Popular