بالي ووڊ ۾ انٽري لاءِ نامناسب لباس پائڻ جو چيو ويو هو

بالي ووڊ اداڪاره يمي گوتم انڊسٽري ۾ 11 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي ڊيبيو بابت انڪشاف ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب يمي گوتم انڪشاف ڪيو آهي ته آڊيشن ۽ ميٽنگ ۾ وڃڻ وقت کيس اهڙو لباس پائڻ لاءِ چيو ويو جنهن ۾ هوءِ ننڍڙي نظر اچي.

اداڪاره ٻڌايو ته جڏهن هوءَ سادي جينز ۽ ٽاپ ۾ بالي ووڊ جي مشهور ڊائريڪٽر وٽ وئي ته مونکان ان قسم جو لباس پائن تي سوال ڪيو ۽ نامناسب لباس پائڻ لاءِ چيو.

يمني گوتم جو چوڻ هو ته آئون هڪ وڏي پروڊڪشن جي آڊيشن لاءِ وئي هئس ۽ آڊيشن وٺندڙ ماڻهو هڪ مشهور ڊائريڪٽر هو، مونکي ڊيبيو فلم لاءِ شوٽ ڪيو ويو هو، ان وقت فلم رليز نه ٿي هئي، ڊائريڪٽر مونکي ٻڌايو ته منهنجو آڊيشن تما سٺو هو ۽ مونکي شارٽ لسٽ ڪيو ويو هو ليڪن مسئلو منهنجي ڊريسنگ آهي.

Read Previous

اقتدار خاطر خاموش نه ويهندس، عهدي جي لاءِ مقصد نٿو بدلائي سگهان: وزيراعظم

Read Next

آمريڪي پارليامينٽ تي هڪ دفعو ٻيهر حملي جو خدشو

Most Popular