اقتدار خاطر خاموش نه ويهندس، عهدي جي لاءِ مقصد نٿو بدلائي سگهان: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان بزدل ناهيان مقابلو ڪرڻ ڄاڻان ٿو. اقتدار جي ڪري خاموش نٿو ويهي سگهان. عهدي جي لاءِ پنهنجا مقصد نٿو بدلائي سگهان.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي ڪابينه جي ميمبرن ۽ نون چونڊيل سينيٽرن به شرڪت ڪئي. جڏهن ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو ۽ وزيراعظم عمران خان صادق سنجراڻي تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته هي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ اسان جو اميدوار هوندو. وزيراعظم چيو ته مان بزدل ناهيان مقابلو ڪرڻ ڄاڻان ٿو. اقتدار جي خاطر خاموش ٿي نه ويهندس. عهدي جي لاءِ پنهنجو مقصد نٿو بدلائي سگهان.

Read Previous

حڪومت کي هاڻ ڪير به نٿو بچائي سگهي: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

بالي ووڊ ۾ انٽري لاءِ نامناسب لباس پائڻ جو چيو ويو هو

Most Popular