اسلام قبول ڪندڙ ڪينيڊين بلاگر پاڪستاني نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي

پاڪستان ۾ وڏو عرصو گذارڻ کانپوءِ گذريل سال اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيندڙ ڪينيڊين ٽريول بلاگر روزي گيبريل پاڪستاني سياح عديل عامر سان شادي ڪري ڇڏي.

روزي گيبريل انسٽاگرام تي پنهنجي زندگي جي سڀ کان حسين لمحي کي شيئر ڪندي لکيو ته مان ڪڏهن نه سوچيو هو پاڪستان اچي ڪنهن جي پيار ۾ گرفتار ٿي وينديس.

هن پاڪستاني سياح عديل عامر سان شادي جو اعلان ڪندي چيو ته مان سڄي زندگي جنهن جي ڳولا ڪئي، منهنجو روح، منهنجو جيون ساٿي ۽ بهترين دوست ملي ويو آهي.

Read Previous

جيڪب آباد: مڙس هٿان ڪارهن الزام تحت ٽيويهن سالن جي ناري قتل، جوابدار فرار

Read Next

سينيٽ چيئرمين جي چونڊ: مولانا ۽ مريم نواز جو حڪومت تي هارس ٽريڊنگ جو الزام

Most Popular