اسٽبلشمينٽ اڻ ڌري رهندي ته چيئرمين سينيٽ جي اليڪشن آئون کٽي ويندس: گيلاني

پاڪستان پيپلز پارٽي  جي نئين چونڊيل سينيٽر يوسف رضا گيلانيءَ چيو آهي ته اسٽبلشمينٽ اڻ ڌري رهندي ته چيئرمين سينيٽ جي اليڪشن آئون کٽي ويندس.

سينيٽ چيئرمين لاءِ اپوزيشن جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلانيءَ پارليامينٽ هائوس اچڻ جي موقعي تي چيو ته اسٽبلشمينٽ هن وقت تائين ته اڻ ڌري نظر اچي رهي آهي.

هن چيو ته هنن کي اڻ ڌريو رهڻ گھرجي ۽ اهي رهندا.

سينيٽرن جو ڪالز اچڻ جي حوالي سان مريم نواز طرفان ڏنل بيان بابت سوال تي هن چيو ته اڃا تائين ته اهڙو ڪجهه به ناهي ان ڪري چيو آهي ته هو اڻ ڌريا رهن ۽ سڀاڻي آئون کٽيندس.

ٻي پاسي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته اسان جي سينيٽرن کي ڪاليون اچي رهيون آهن ۽ پي ڊي ايم جي اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جو چيو ويو. انهن مان ڪجهه ثبوت لاءِ رڪارڊ ڪيون ويون آهن.

Read Previous

حڪومت ملڪ لاءِ ڪينسر بڻجي چڪي آهي: مريم نواز

Read Next

پي ٽي آءِ کي عثمان بوزدار تي اعتماد، پي ڊي ايم کي مارچ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو

Most Popular