اسان پبلڪ فگر آهيون ”پبلڪ پراپرٽي ناهيون: مايا علي

اداڪاره مايا علي اسٽارز تي تنقيد ڪندڙن کي چيو ته اسان پبلڪ فگر آهيون پبلڪ پراپرٽي ناهيون.

اداڪاره مايا علي انڊسٽري ۾ هڪ وراسٽائل اداڪاره طور سڃاتي وڃي ٿي، اداڪاره انسٽاگرام تي ڪافي سرگرم آهي، جنهن ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ مداحن جي تنقيد تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته مداح بغير سوچڻ سمجهڻ جي ڪمينٽس ڪرڻ شروع ڪندا آهن، اسان اسٽارز آهيون توهان اسان جي ڪم تي تنقيد يا تعريف ڪيو اسان انکي ڌيان سان ڏسنداسين پر ڪو به مداح اسان سان پرسنل نه ٿئي ڇو ته اوهين اسان کي سڃاڻو نٿا.

Read Previous

ڪورونا وائرس سبب پنجاب جي سمورن راند جي ميدانن کي بند ڪرڻ جو حڪم

Read Next

ڪورونا وبا: سنڌ حڪومت وري پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون

Most Popular