ڀارتي ناري همايون سعيد کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي

پاڪستان جي ايورگرين اسٽار همايون سعيد سان پيار ڪندڙ صرف پاڪستان ۾ نه پر ڀارت ۾ به آهن.

جنهن جو هڪ اهو مثال اهو آهي ته ڀارتي ناري سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي هڪ مخصوص پيغام موڪليو ته مونکي خبر آهي ته تون شادي شده آهين پر هن دل جو ڇا ڪري هوءَ ساڻس پيار ڪري ٿي ۽ شادي ڪرڻ چاهي ٿي.

جنهن تي همايون سعيد جواب ڏنو ته مونسان پيار ڪرڻ تي توهان جي مهرباني پر شادي لاءِ انشاء الله توهان کي مونکان وڌيڪ بهتر ماڻهو ملي ويندو.

Read Previous

ڌريون صدارتي چونڊن تي راضي ٿي وڃن ته عهدو ڇڏي ڏيندس:اشرف غني

Read Next

پي ايس ايل جا ملتوي ميچز ڪرائڻ جي تاريخ طئي ٿي وئي

Most Popular