پي ايس ايل جا ملتوي ميچز ڪرائڻ جي تاريخ طئي ٿي وئي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل 6 جا ملتوي ٿيل ميچ 23 مئي 20 جون تائين ڪرائڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي.

پي ايس ايل جي ڇهين ايڊيشن جا 20 ميچ ڪجهه رانديگرن کي ڪورنا وائرس ظاهر ٿيڻ ڪري ملتوي ڪيا ويا هئا.

هاڻ ذريعن جو چوڻ آهي ته ملتوي ٿيل ميچ 23 مئي کان 20 جون تائين ڪرائڻ لاءِ فرنچائيز سان صلاح مڪمل ٿي وئي آهي.

ياد رهي ته شروعاتي طور تي پي ايس ايل جو ٻيون مرحلو لاهور ۾ ٿيڻو هو پر ڪورونا ڪيسز کانپوءِ پي سي بي پهريان ئي بقايا ميچ ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.

Read Previous

ڀارتي ناري همايون سعيد کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي

Read Next

هواوي به وائرليس چارجنگ ٽيڪنالاجي آڻڻ جي تياري ڪري ورتي

Most Popular