”پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان ايندڙ مسافرن کي روڪيو وڃي“

Saeed ghani

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي مان بين الصوبائي ٽرانسپورٽ، ٽرين ۽ هوائي سفر بند ڪيو وڃي، نتيجي ۾ صوبي اندر صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم واري وزير سعيد غني جو چوڻ هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا جي شرح وڌي 5 سيڪڙو ٿي چڪي آهي، پر پوءِ به صوبي ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه واريون حالتون ناهن، ڪجهه اڳواٽ قدم کنيا آهن، ۽ وفاق کي به مدد جو چيو آهي.

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سڀني کي خبر آهي ته روزاني هزارن جي انگ ۾ ماڻهو سنڌ ايندا ويندا آهن، سنڌ جي بارڊر تي ماڻهن جي اسڪريننگ ڪرڻ ڏکيو ڪم هوندو، ۽ جيڪڏهن ماڻهو ايندا ويندا رهيا ته وائرس ماڻهن کي نقصان رسائيندو، وفاق کان بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر اڃا تائين وفاق بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ بابت ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، صحيح قدم نه کنيا ويا ته خدشو آهي ته سنڌ ۾ به صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، وفاق کان مطالبو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ، ٽرين ۽ هوائي سفر بند ڪيو وڃي.

Read Previous

ڏکيائي پيش آئي ته حڪومت طرفان ڳالهائينداسين:يوسف رضا گيلاني

Read Next

وزيراعظم حڪومتي ترجمانن کي پي ڊي ايم بابت ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو

Most Popular