مومنا مستحسن کي به ڪورونا ٿي ويو

ناليواري گلوڪارا مومنا مستحسن به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي.

گلوڪارا گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ تصوير جاري ڪئي، جنهن ذريعي هن مداحن کي وائرس سان متاثر ٿيڻ جو ٻڌايو.

مومنا ٻڌايو ته ان تصوير ۾ چهري تي نه ڪو ميڪ اپ ڪيل آهي ۽ نه ڪو فلٽر لڳايو ويو آهي، بس رڳو ڪووڊ آهي.

تصوير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مومنا هن وقت پنهنجي گهر ۾ اڪيلائي اختيار ڪري ورتي آهي.

پنهنجي پوسٽ ۾ هن مداحن کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رهڻ جي اپيل پڻ ڪئي.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٽين لهر جاري آهي، جنهن سان ڪيتريون ئي شوبز شخصيتون پڻ متاثر ٿي چڪيون آهن.

Read Previous

آمنا الياس اسرائيل جي حمايت تي آمريڪي نائب صدر تي ڪاوڙجي پئي

Read Next

حڪومت ڪورونا ويڪسين جو انتظام به نه ڪري سگهي، اها خيرات ۾ ملي: شهباز شريف

Most Popular