حڪومت ڪورونا ويڪسين جو انتظام به نه ڪري سگهي، اها خيرات ۾ ملي: شهباز شريف

ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته هن حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، بيروزگاري وڌي وئي آهي ۽ عام ماڻهو جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي.

چارسدا ۾ اي اين پي جي اڳوڻي صوبائي وزير بيگم نسيم ولي خان جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته بي عملي ۽ بي تدبيري سبب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تباهي مچائي، ڪورونا ويڪسين جو حڪومت انتظام نه ڪيو، اها ويڪسين به خيرات ۾ ملي، ڪورونا ويڪسينيشن جي معاملي ۾ بنگلاديش کان به پوئتي آهيون.

هن چيو ته ڪجهه خدا جو خوف ڪيو، توهان ٽن سالن کان چور چور ڪندي ملڪ کي ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي، اين آر او نه ڏيڻ جو گوڙ ڪري رهيا آهيون، توهان کان اين آر او وٺي ڪير ٿو؟

Read Previous

مومنا مستحسن کي به ڪورونا ٿي ويو

Read Next

اسرائيل جو جنگي جنون برقرار، غزا تي وڌيڪ فضائي حملا

Most Popular