حڪومت ۽ جهانگير ترين گروپ ۾ معاملا طئي ٿي ويا

حڪومتي ذريعن موجب حڪومت ۽ جهانگير ترين گروپ وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ ترين گروپ وچ ۾ پهريون باضابطا رابطو ٿي ويو آهي، سينيئر وفاقي وزيرن جهانگير ترين سان رابطو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ حڪومت ۽ جهانگير ترين وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن.

ذريعن موجب جهانگير ترين گروپ بجيٽ اجلاس جي بائيڪاٽ جو فيصلو به واپس وٺي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ هم خيال گروپ ميمبر بجيٽ ۾ حڪومت کي ووٽ ڏيندا.

Read Previous

ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، سنڌ ۾ پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو

Read Next

عدالت شيخ رشيد کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

Most Popular